ڀريا سٽي

ڀريا سٽي (شھر): ضلعي نوشھري فيروز جو هڪ شھر، جنھن کي ٽائون ڪاميٽي ۽ تعلقي جو درجو مليل آهي. شھر جو شروعاتي نالو ’بھراور‘ هو، جيڪو مٽجي ڀريا ٿيو آهي. ڪن محققن جو خيال آهي ته هن وسنديءَ جو بنياد 1775ع ڌاري پيو. هتي قديم ’لھاڻي درياهه‘ جي وهڪري ۽ ڍورن جا آثار اڃا تائين ڏسجن ٿا. 1843ع تائين ڀريا خيرپور جي ميرن جي صاحبيءَ جو حصو هو. انگريزن جي سنڌ تي قبضي بعد انتظامي يونٽن تحت ڀريا کي حيدرآباد ڪليڪيوريٽ جي نوشھري فيروز تعلقي ۾ تپي جي حيثيت ڏيئي، تپيدار جو ديرو ۽ پوليس لائين قائم ڪئي وئي. 1861ع ۾ شھر کي ميونسپالٽيءَ جو درجو مليو. ان وقت هي شھر نوشھري فيروز جو ٻيو نمبر وڏو شھر هو. 1868ع ۾ هتي پوسٽ آفيس قائم ٿي، جنھن ۾ ٽيليگراف جي سھولت به هئي. 1912ع ۾ نوابشاهه ضلعو ٿيو ته ’ڀريا‘ کي ان جي ڪنڊياري تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. 1955ع ۾ ون يونٽ لاڳو ٿيڻ بعد ڪراچي کي وفاق جي گادي جو هنڌ بڻائي، سنڌ جي باقي حصي کي ٻن ڊويزنن حيدرآباد ۽ خيرپور ۾ ورهايو ويو ته نوشھري فيروز کي خيرپور ڊويزن ۾ شامل ڪيو ويو. 1959ع ۾ ڀريا کي ٽائون جو درجو مليو. 1989ع ۾ تعلقي جي حيثيت ڏيئي مختيارڪار ۽ مئجسٽريٽ جون آفيسون قائم ڪيون ويون. شھيد بينظير آباد ڊويزن ٺھي ته نوشھري فيروز ضلعي کي ان ۾ شامل ڪيو ويو. هتي ميرن جي دور جي پڄاڻي يا انگريزن جي دور جي شروعات ۾ آخوند اسماعيل ديني تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. 1855ع ۾ ورنيڪيولر اسڪول کليو، جنھن کي 1865ع ڌاري ڪوڙيمل چندنمل کلناڻي جي ڪوششن سان ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول جو درجو مليو، پر ڪجهه عرصي بعد انگريزي اسڪول جي شاخ ٺارو شاهه منتقل ٿي. 1886ع ۾ ديوان ڪوڙيمل جي ڪوششن سان، ڀريا ايجوڪيشن سوسائٽي جي سھڪار سان ٻيھر ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول کليو ۽ بلڊنگ به ملي. ان اسڪول کي هلائڻ لاءِ هڪ بورڊنگ هائوس جوڙيو ويو. اڳتي هلي ديوان ڪوڙيمل جي وفات بعد اهو اسڪول سندس نالي ڪي. سي اڪيڊمي سڏجڻ لڳو. ورهاڱي بعد سيد نور محمد شاهه ’ڪي. سي اڪيڊمي‘ کي سيٽلمينٽ کاتي کان خريد ڪيو، جتي انتظامي بورڊ جوڙي پنھنجي مدد پاڻ تحت ٻارهين درجي تائين ڪلاس شروع ڪيا، جنھن کي 1965ع ۾ سرڪار تحويل ۾ وٺي 1967ع ۾ هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو. 1902ع ۾ نياڻين لاءِ پرائمري اسڪول کليو. 1906ع ۾ ديوان ڪوڙيمل جي ڪوششن سان نياڻين جي هنري سکيا لاءِ ’ميلھومل پيسومل ڪنيا پاٺشالا‘ قائم ٿي، جيڪا ورهاڱي بعد ختم ٿي وئي. پاڪستان جي قيام بعد ان پاٺشالا ۾ اسپتال قائم ٿي ۽ هن وقت ان جاءِ تي پارڪ آهي. هن وقت ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ الڳ پرائمري، هاءِ اسڪول، هاير سيڪنڊري اسڪول ۽ ڪيترائي خانگي اسڪول قائم ٿيل آهن. هتي ويھين صدي عيسوي جي شروعات ۾ ديوان ڪوڙيمل پبلڪ لائبرري به قائم ڪئي. 33-1932ع ڌاري ديوان ڏامو مل ٽيڪچند پنھنجي زال جي ياد ۾ ڊراما هال تعمير ڪرايو، جتي اسٽيج ڊرامن سان گڏ راڳ رنگ جون محفلون به ٿينديون هيون. ڀريا ۾ ڪيتريون ئي ناٽڪ منڊليون به هونديون هيون. اهو ڊراما هال به ورهاڱي بعد سيد نور محمد شاهه نيلامي ۾ خريد ڪيو. 1953ع ۾ سيد نور محمد شاهه ڀريا ۾ تاج محل سئنيما کولي، جيڪا 2000ع ڌاري بند ٿي وئي. هتي ميرن جي آخري دور کان وٺي پنچائتي نظام لاڳو هو. انگريز دور ۾ ان پنچائت جو ڪانگريس سان به تعلق رهيو. 1929ع ۾ مھاتما گانڌي به پنچائت جي دعوت تي ڀريا آيو. ڀريا جو مراد علي شاهه ۽ ديوان ڪوڙومل بئنچ مئجسٽريٽ به رهيا. ان کان سواءِ حشو ڪيولراماڻي، مراد علي شاهه، امام علي شاهه، سيد نور محمد شاهه، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر عبدالفتاح ميمڻ ۽ بالي ووڊ جي مشھور اداڪاره شيلا راماڻي جو تعلق به ڀريا سان هو. سنڌ جي بمبئي کان علحدگي کان پوءِ 1937ع جي اليڪشن ۾ سيد نور محمد شاهه ڀريا مان پھريون اسيمبلي ميمبر ٿيو. هتي ڀائي هريرام جي درٻار مشھور آهي. هتان جي ڳڙ ۽ مُسِتي جو دنيا جي ٻين ملڪن سان واپار ڪيو ويندو آهي. ڀريا جي آسپاس ميون جا باغ تمام گهڻا آهن. 2005ع ۾ هتي سنڌي ادبي سنگت جي شاخ به کُلي. 2017ع موجب ڀريا ٽائون جي آدمشماري 14 هزار کان وڌيڪ ۽ تعلقي جي آدمشماري 33308 آهي.


لفظ ڀريا سٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو